تاريخ سنڌ 17

تاريخ سنڌ13 (ڪتاب ):علامه سيد سليمان ندويءَ جي ڪتاب ”تاريخ سندهه“ جي هي سنڌي ترجمو محمد اسماعيل پٺاڻ ڪيو آهي. ڊيمي سائيز 225 صفحن تي مشتمل، ديده زيب ٽائيٽل وارو هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو ملهه 200 رپيا آهي. هي ڪتاب ننڍي کنڊ جي وڏي عالم علامه سيد سليمان ندويءَ جي ڪتاب ”عرب و هند ڪي تعلقات“ کان پوءِ ٻيو اهم ڪتاب آهي، جنهن جا نو 09) باب آهن. سيد سليمان ندويءَ پنهنجي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌ جي تاريخ ان حيثيت کان به اهم آهي، جو مسلمانن جو پهريون قافلو سنڌ ۾ ئي لٿو هو ۽ سندن پهرين حڪومت قائم ٿي هئي.... جنهن جا اثر سنڌ جي چپي چپي تي اڄ به ظاهر آهن“. ڪتاب جو پهريون باب ”مقدمي“ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نالي، سرحدن، موجوده حدن، ايراضي، طبعي بيهڪ، آبادي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، بندرن، واپار، جبلن، ڍنڍن، موسمن، پيداوار، معدنيات، نسل ۽ ٻولي بابت تفصيل شامل آهن. ٻئي باب ۾ غير مسلم راڄ وقت سنڌ جون حدون، انتظامي ورهاست، ايراني حملن، راجا چچ ڏاهر، ڏهر سينه، عربن جي آمد، سندن جملن، سنڌ جي فتح ۽ وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۽ نيرن جي ڪوٽ جو ذڪر آهي. ٽئين باب ۾ محمد بن قاسم جي آمد، ديبل، نيرون ڪوٽ، سيو ستان وغيره جي فتح، ڏاهر وٽ عربن جي وفد جي آمد، ڏاهر سان جنگ کان وٺي برهمڻ آباد جي فتح، راڻي لاڏي، ملتان جي فتح، محمد بن قاسم جي موت کان وٺي عمر هباري سنڌ جي حاڪم تائين جو ذڪر موجود آهي. باب چوٿين ۾ هبارين جي حڪومت، باب پنجين ۾ اسماعيلي سلطنت، باب ڇهين ۾ سومرن جي بادشاهه، باب ستين ۾ سنڌ جي تمدني تاريخ، باب اٺين ۾ سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن، مدرسن ۽ ٻوليءَ جو ذڪر ۽ باب نائين ۾ سنڌ ۾ رفاهي ڪمن، ٽپال، عام انتظامي حالتن، آمدنيءَ جي ذريعن، سڪن، جنگي اوزارن، فوجي نظام، ٽيڪس، مذهبي آزادي وغيره جو تفصيل آهي. ڪتاب جي ضميمي ۾ هند ۽ ان جي شهرن جو ذڪر ۽ آخر ۾ ڪتابيات (Bibliography) شامل آهي، هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو اهم ماخذ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو